آمڻ ٻير

آمڻ ٻير: ھڪ قسم جو وڻ ۽ ان جو ڦر، ھن جو ٿڙ ٿلھو ۽ ٽاريون وڏيون ٿينديون آھن. نومبر مھيني ۾ ھن ۾ ٻور ٿيندو آھي ۽ ان کان پوءِ ٻير جھليندو آھي، جيڪي بيحد مٺا ھوندا آھن. ھن وڻ جي ڪاٺي به سگھي ٿيندي آھي، تنھنڪري انھيءَ مان کٽن جا پاوا، ايسون ۽ اوپرا، اٺن جا پاکڙا، گھوڙن جا ھنا ۽ گڏھن جا ’جنڊا“ به ٺھندا آھن. ٿر ۾ سنڌي ٻيريون گھٽ آھن، البت آمڻ ٻير جام ٿئي ٿي، جيڪا ماڻھو گھرن ۾ پوکيندا آھن، ٿري ماڻهو ٻيرن کي ميوي طور استعمال ڪندا آھن.


لفظ آمڻ ٻيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو